ڪراچي ( م ڊ ) بلاول هائوس جي ترجمان بختاور ڀٽو زرداري جي شادي ۾هڪ هزار مهمان کي دعوت ڏيڻ وارين خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته شادي ۾ رڳو 300 ماڻهن کي دعوت ڏني وئي آهي. ترجمان موجب مهمانن جي انگ جي حوالي سان ترجمان جو حوالو ڏئي هلايل بيان بنا تصديق جي نشر ڪيو ويو. بختاور ڀٽو جي محمود چوڌري سان نڪاح جي تقريب 29 جنوري تي ڪوٺائي ويندي، رخصتي جي تقريب 30 جنوري تي ٿيندي.