خواجا آصف جي دبئي جي مشهور هوٽل ۾ ڀائيواري آهي: نيب جي دعويٰ

لاهور () نيب رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته خواجا آصف جي دبئي جي هڪ مشهور هوٽل سان ڀائيواري رهي آهي.نيب پاران مسلم  ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجا آصف کان ٿيندڙ جاچ رپورٽ  سامهون اچي وئي آهي جنهن ۾ نيب دعويٰ ڪئي آهي ته خواجا آصف جي دبئي جي هڪ مشهور هوٽل ۾ ڀائيواري رهي آهي.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خواجه آصف دبئي ۾ واقع جاپاني هوٽل(زن) ۾ ڀائيوار هئو ۽ هن دبئي جي ڪمپني آنيميڪو ۾  نوڪري به ڪندو آهي. رپورٽ ۾ چيو  ويو آهي ته خواجا آصف موجب 2012 ۾ هن هوٽل سان ڀائيواري ختم ۽ 2017 ۾ نوڪري ڇڏي ڏني هئي. پر هو هوٽل ۾ ڀائيواري ۽ ڪمپني ۾ نوڪري جي حوالي سان نيب کي اڃان تائين رڪارڊ ناهي ڏئي سگهيو.نيب رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خواجا آصف جي(طارق مير اينڊ ڪمپني) ۾ به ڀائيواري رهي آهي. ڪمپني جي بينڪ اڪائونٽن ۾ 2009 دوران 100 ملين جون ٽي ٽيز موڪليون ويون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.