عوام حڪمرانن کي ڳچيءَ ۾ پڪڙڻ لاءِ تيار آهي: سراج الحق

ڪراچي(رپورٽر)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ پي ڊي ايم جي سياست ۾ عوام کي ريليف  پهچائڻ شامل نه آهي. پي ٽي آئي جي حڪومت عوام کي برح طرح سان مايوس ڪيو آهي. پي ٽي آئي جا ووٽرز ۽ سپورٽرز حيران ۽ پريشان آهن ته اسان ڪيڏي وڏي غلطي ڪري وڌي آهي، ڪراچي ۾ ميڙاڪن کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ ۽ مرڪز پاڻ هٿين پيل آهن ، ڪراچي جهڙي شهر کي به ڪير سنڀالڻ وارو نه آهي صنعتي ترقي جو ڦيٿو رڪجي ويو آهي. زراعت تباهه زرعي ملڪ هجڻ جي باوجود ڪڻڪ ۽ کنڊ جي لاءِ ٻين جا محتاج آهيون. مزدور ، هاري ۽ غريب عوام رلي ويو آهي، بجلي جي قيمتن ۾ اضافو نا منظور آهي ، عوام حڪمرانن جي ڳچي پڪڙڻ لاءِ تيار ويٺل آهي. ان موقعي تي سنڌ جو امير محمد حسين محنتي ، ڪراچي جو امير حافظ نعيم الرحمان سميت ٻيا اڳواڻ به موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.