تابعدار خان جي نااهلي سبب گڏيل قومون به پابنديون پيون هڻن: مريم نواز

لاهور ( م ڊ ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته  اناڙي جي پُتلي تماشي سبب پاڪستان کي سڄي دنيا ۾ بدنامي جو منهن  ڏسڻو پئجي رهيو آهي، تابعداري، تاريخي نااهلي ۽ نالائقي جي سزا پاڪستان ڀوڳي رهيو آهي، ٽوئٽ ڪندي مريم نواز چيو ته پاڪستان اهڙا ڏينهن ڪڏهن به نه ڏٺا جو گڏيل قومن جي عملي کي پاڪستان جي ڪنهن به اُڏام ۾ سفر ڪرڻ کان روڪيو وڃي، حڪمرانن پهرين پائليٽس کي بدنام ڪيو، هاڻي ايرلائينز کي به هن حد تائين پهچائي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.