نيب انڪوائري دوران اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ غير قانوني قرار

اسلام آباد ( م ڊ )اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيب طرفان انڪوائري دوران جوابدارن جا بئنڪ اڪائونٽس منجمد ڪرڻ واري عمل کي قانون جي  خلاف قرار ڏئي ڇڏيو، عدالت اهم فيصلو جاري ڪندي چيو آهي ته نيب کي انڪوائري جي مرحلي ۾ اڪائونٽس بلاڪ ڪرڻا آهن ته قلم 12 تحت آرڊر ڪري، قانون موجب نيب کي انڪوائري ۽ انويسٽيگيشن جلد مڪمل ڪرڻي آهي، پر اُن ۾ ڪيترائي سال لڳي وڃن ٿا،  رڳو الزامن جي بُنياد تي سالن جا سال بئنڪ اڪائونٽس بلاڪ ڪرڻ آئيني حقن جي ڀڇڪڙي آهي، جاچ آفيسر جي دير سبب شهري کي خرچ لاءِ اڪائونٽ مان پئسا ڪڍڻ کان ڪيئن ٿو روڪي سگهجي، ڏوهاري کي سزا ڏيڻ رياست جو ڪم آهي ته شهري کي پنهنجي رقم استعمال ڪرڻ جو حق ڏيڻ به ضروري آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سنڌ بئنڪ جي اڳوڻي صدر بلال شيخ کي ذاتي اڪائونٽس استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. عدالت هدايت ڪئي آهي ته بلال شيخ کي رقم ڪڍرائڻ کان اڳ حلفي بيان ڏيڻو پوندو ته اها رقم سندس ذاتي استعمال لاءِ آهي،ذاتي استعمال کانسواءِ رقم استعمال ڪئي وئي ته قانون حرڪت ۾ ايندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.