بي اعتمادي تجويز سان اختلاف، بلاول ڀٽو وٽ نمبر آهن ته پيش ڪري: ن ليگ

اسلام آباد( م ڊ ) مسلم ليگ ن حڪومت کي هٽائڻ لاءِ بي اعتمادي رٿ آڻڻ بابت بلاول ڀٽو جي مخالفت ڪري ڇڏي، احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت کي هٽائڻ جو واحد رستو لانگ مارچ ئي آهي. اسلام آباد  ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مسلم ليگ ن جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال چيو ته سينيٽ ۾ اڪثريت باوجود اسان جي بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿي، بي اعتمادي رٿ لاءِ بلاول ڀٽو وٽ نمبر آهن ته پيش ڪري. هن چيو ته حڪومت هٽائڻ لاءِ لانگ مارچ ئي واحد رستو آهي، پي ڊي ايم ۾ ان تي بحث ڪري اتفاق سان فيصلو ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ احسن اقبال چيو ته پاناما جيان براڊ شيٽ به فراڊ آهي، حڪومت معاملي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ رڳو براڊ شيٽ پئي ڪري، جسٽس (ر) عظمت سعيد کي هن معاملي جي انڪوائري ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ گهرجي، جسٽس (ر) عظمت سعيد پنهنجي عزت ۽ وقار بچائڻ خاطر معاملي کان ڌار ٿي وڃي، موجوده حڪومت کي آڻيندڙن کان سوال ڪرڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان اوهان جو ڇا بگاڙيوهو.

 حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ اپوزيشن جو حق آهي: شيخ رشيد

لاهور (بيورو+ م ڊ )  وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد دعويٰ ڪئي آهي ته براڊ شيٽ مان اڃا گهڻيون شيون نڪرنديون، 100 ملين جي وڌيڪ  ملڪيت سامهون اچڻ واري آهي، سينيٽ چونڊن دوران پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جون سيٽون وڌنديون، ڪو به اتحادي پوئتي نه پيو هٽي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته بلاول ڀٽو سمجهدار ۽ سياسي طور بالغ ٿي ويو آهي، هو صحيح چوي ٿو ته بي اعتمادي رٿ سندن قانوني ۽ آئيني حق آهي، پي ٽي آءِ جو ڪوبه اتحادي پوئتي نه هٽي رهيو آهي، براڊ شيٽ ۾ اڃا کوڙ ساريون شيون ظاهر ٿيڻيون آهن، خبر ناهي اهو مامرو سپريم ڪورٽ وڃي يا ڪنهن ٻئي فورم تي هليو وڃي، اپوزيشن کي جسٽس عظمت سعيد نه، پر ملڪ قيوم جهڙا سربراهه گهرجن، اپوزيشن جي احتجاجن سان ڪجهه به نه ٿيندو، پي ڊي ايم وارا آئين ۽ قانون تحت اسلام آباد ايندا ته حڪومت ڪي به رنڊڪون پيدا نه ڪندي.

زرداري سمجهدار آهي، بلاول جي ڳالهه آئيني آهي: پرويز خٽڪ

نوشهره(م ڊ) دفاع واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته وزيراعظم جنهن کي به ڪميٽي جو سربراهه بڻائيندو، اپوزيشن کي منظور نه  هوندو، سينيٽ چونڊ اوپن بيلٽ سان ٿيندي ته سچ سامهون اچي ويندو، هن چيو ته بلاول بي اعتمادي رٿ آڻي ٿو ته اسان مقابلي لاءِ تيار آهيون،بلاول جي بي اعتمادي رٿ واري ڳالهه آئيني آهي، هن چيو ته آصف زرداري سوچ وارو ماڻهو آهي، هن کي خبر آهي ته ڪهڙو رستو اختيار ڪرڻو آهي، پي ڊي ايم غيرقانوني رستو اختيار ڪرڻ تي لهي آئي آهي، روڊن تي نڪري حڪومت ختم ڪرڻ واري ڳالهه غلط آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.