آءِ بي اي جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن پاران تعليم کاتي ۾ آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو .ان موقعي تي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ مشتاق سرڪي، عامر چانڊيو، غزالا حاصل چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته تعليم کاتي سنڌ ۾ استادن جون 37هزار جايون خالي هوندي به آءِ بي اي پاس پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي اميدوار نوڪرين کان محروم آهن
هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته هڪ هفتي اندر سندن مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ جيستائين مطالبا پورا نه ڪيا ويندا انهن جي تحريڪ جاري رهندي.