پکو : پوليس چڙهائي ، ٻارن ۽ عورتن تي تشدد ۽ نوجوان جي گرفتاري خلاف مظاهرو

پکو ڀرسان ڳوٺاڻن پاران پوليس چڙهائي ۽ ٻارن ۽ عورتن تي تشدد ۽ هڪ ڄڻي جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي ڳوٺاڻن پيرسن غلام عمر مغيري , ارباب علي , آصف , عبدالمجيد , وحيد مغيري , لطيف مغيري ۽ ٻين  دانهيندي چيو ته پکو پوليس بنا جواز ڳوٺ تي ڪاھ ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي عزتن ۾ گھڙي گارگند ڪري نازيبا زبان استعمال ڪئي ، پوليس کان چڙھائي جو سبب پڇيو  ويو ته اھلڪارن لٺبازي ڪرڻ شروع ڪئي ، ٻئي طرف متاثر  ڳوٺاڻي ۽ صحافي علي گل مغيري جو چوڻ هو ته پکو ٿاڻي جو ايس ايڇ او وحيد منگي علائقي جي بااثرن جي چرچ تي بناجواز چڙھائي ڪري سندن گھر ۾  گھڙيو ۽ ڀڃ ڊاھ ڪري سندس ڀاءُ عبدالمجيد کي گرفتار ڪري ويو آھي ، هنن مطالبو ڪيو ته پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري انهن کي انصاف ڏياريو وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.