ملڪ ۾ هلندڙ مهيني 3 ڊاڪٽرن سميت 9 هيلٿ ورڪر ڪورونا سبب فوت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائيس جي ڪري فوتگين جو سلسلو بيهي نه سگهيو.

صحت واري وفاقي وزارت موجب هن وقت تائين 3 ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جا 6 ميمبر ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري چڪا آهن.

اختيارين ٻڌايو ته جنوري ۾ 900 کان وڌيڪ فرنٽ لائن هيلٿ ورڪر ڪورونا وائر س ۾ مبتلا ٿيا.

ٻئي پاسي گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 43 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا جڏهن ته موذي مرض جا 1 هزار 927 نوان مريض سامهون آيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.