ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن جيتوڻيڪ سيءُ گهٽ رهيو آهي پر موسميات کاتي ايندڙ ڏينهن لاءِ شهرين کي خبردار ڪري ڇڏيو.
موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته آچر ڏينهن موسم خشڪ ۽ ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي، ان دوران پارو 10 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو.
موسميات کاتي موجب ڇنڇر ڏينهن ڪراچي ۾ وڌ کان وڌ پارو 28.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو پر آچر ڏينهن ٿڌ جي لهر ۾ واڌ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي چيو آهي ته اتر ۽ اتر اوڀر هوائون گهلڻ سبب شهر ۾ پارو 10 ڊگري تائين وڃڻ جو امڪان آهي.