خيرپور ۾ پورهيت جي مبينا قتل خلاف سندس وارثن پاران احتجاجي مظاهرو

خيرپور ۾ پورهيت جي مبينا قتل خلاف سندس وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، کوکر ڳوٺ جي رهواسي  مسمات قمر رضا، زرينا، صالح خاتون، فهميدا، عمراه، سراج، فيروز، اقبال ۽  ٻين احتجاجي ڪندي الزام هنيو ته 25 ڏينهن اڳ پورهيت سرفراز عرف ڪالو کوکر کي اي سيڪشن پوليس  بنا جواز جي رستي تان گرفتار ڪري لاڪب ۾ گهٽا ڏئي قتل ڪيو ،  جنهن  واقعي جي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي پر پوليس پنهنجي پٽي ڀائين کي بچائيندي قاتلن جي وانگار وهي رهي آهي جڏهن ته مقتول جي گهر ۾ هن مهل تائين فاڪاڪشي واري صورتحال آهي ، هنن  ڊي آء جي سکر کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انهن سان انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.