ڪنڌڪوٽ: پيرسن عورت پاران ڌيءَ کي ناحق ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪرڻ جون دانهون

بخشاپور جي ڳوٺ بلاول ڊومڪي جي رھواسين پيرسن عورت مسمات بشيران ڊومڪي پاران ٻارن سان احتجاج ڪندي دانهيو ويو آهي ته سندس نياڻي مسمات بختاور ڊومڪي کي  سندس مڙس غلام سرور ڊومڪي ۽ ساٿي علي داد گولو ۔ سعيد اللله گولو جي چرچ تي ڪوڙي ڪارنهن الزام ھيٺ قتل ڪيو  آهي ، هن چيو ته سندس نياڻي کي بي گناھ قتل ڪيو ويو آھي ۽ ويتر بخشاپور پوليس جوابدارن کان ڏوڪڙ وٺي مرضي جو ڪيس داخل ڪري انهن سان ناانصافي ڪئي آھي

احتجاج ڪندڙ مسمات بشيران ڊومڪي ميڊيا اڳيان دانھيدي چيو ته هن جي نياڻي کي ڏيڊ تولو سون ۽ 20تولا چاندي به پيل ھو جيڪو پوليس ڏيڻ کان جواب ڏئي چڏيو آھي، هن مطالبو ڪيو ته سندس فرياد تي ڪيس داخل ڪري جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انهن سان انصاف ڪيو وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.