اسٽيل ملز جي برطرف پورهيتن سان عوامي آواز جي ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر پاران ٻڌي جو اظهار

گذريل 12 ڏينهن کان پاڪستان اسٽيل ملز  جي سي اي او هائوس آڏو جبري برطرف ڪيل پاڪستان  ملازمن پاران پنهنجي  ڪٽنبن سميت ڌرڻو جاري رکيو  ويو ، ڌرڻي ۾ شامل عورتن ۽ ٻارن سميت وڏي انگ ۾ پورهيتن سان ٻڌي جي اظهار طور عوامي آواز ميڊيا گروپ جي ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر حميده گهانگهرو ۽ بيورو رپورٽر جميل چانڊيو ڌرڻي ۾ شامل ٿيا، جتي پورهيتن جي حوصلا افزائي ڪئي وئي ،ان موقعي تي عورتن، ٻارن ۽ نياڻين کي خطاب ڪندي حميده گهانگهرو چيو ته موجوده وفاقي حڪومت جنهن طرح پورهيت طبقي جو معاشي قتل ڪري انهن کي روزگار کان الڳ ڪيو آهي ۽ اسٽيل ٽائون ۾ رهندڙ  ملازمن کي وڏي انگ ۾ نيڪالي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي هوءَ ان عمل جي نه صرف مذمت ٿي ڪري پر  عوامي آواز ميڊيا گروپ هر مظلوم طبقي جي جدوجهد ۾ عملي طور تي انهن سان گڏ آهي

ان موقعي تي اڪبر ناريجو، اسد ابڙو، نويد ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.