”عوام کي گمراهه ڪندڙ سياستدانن کي تبديلي نظر نه پئي اچي“

 

جهلم (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار فرودس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اپوزيشن عوام کي گمراهه ڪري رهي آهي، عوام کي گمراهه ڪندڙ سياستدانن کي تبديلي نظر نه پئي اچي.

جهلم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته تبديلي جو مطلب غريبن جون ڏکيائيون گهٽ ڪرڻ آهي، هاڻ پنجاب جا فنڊ رڳو لاهور تي خرچ نه ٿيندا، سڀني شهرن ۾ ترقياتي ڪم جاري آهن.

هن چيو ته ڪورونا باوجود معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي، حڪومت کي مهانگائي ۽ بيروزگاري جو احساس آهي، ذخيرو ڪندڙن، منافعي خورن ۽ سياسي قبضا مافيا مان خوش ناهيون.

سندس چوڻ هو ته اهي پنهنجي ناراضگي جو بدلو عوام کان وٺي رهيا آهن، عوام کي گمراهه ڪيو پيو وڃي، عوام کي گمراهه ڪندڙ سياستدانن کي تبديلي نظر نه پئي اچي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.