بابر اعظم ۽ شاهين آفريدي خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا: ڊوپليسي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽ ٽيم جي سينيئر بيٽسمين فاف ڊوپليسي چيو آهي ته پاڪستاني سرزمين تي ميزبان ٽيم خلاف ٽف سيريز جي اميد رکون ٿا، ماضي ۾ ڏکڻ آفريقا جو پاڪستان ۾ رڪارڊ سٺو ضرور آهي پر اها ڳالهه پراڻي ٿي وئي، هاڻ گهڻو ڪجهه تبديل ٿي چڪو آهي.

ٽريننگ سيشن کانپوءِ ان لائن پريس ڪانفرنس ڪندي فاف ڊوپليسي چيو ته بابر اعظم ۽ شاهين آفريدي ٻه اهڙا رانديگر آهن، جيڪي اسان لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا، اسان لاءِ اهو به چئلينج آهي ته ٽيم ۾ شامل ڪو رانديگر پاڪستان ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ناهي کيڏيو، تنهن ڪري ڪنڊيشن جو اندازو ناهي پر سيريز لاءِ ڀرپور تياري ڪئي آهي.

هن چيو ڏٺو وڃي ته ٻئي ٽيمون متوازن آهن، ٻنهي وٽ نوجوان رانديگرن جي گهڻائي آهي ۽ تجربي ڪار رانديگر گهٽ آهن پر هوم ٽيم سدائين خطرناڪ هوندي آهي، بابر اعظم جي ٽيم پاڪستان کي ڏاڍو فائدو ڏيندي، اسان کي شاهين آفريدي مان به خطرو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.