براڊ شيٽ انڪوائري ڪميٽي: حڪومت مخالف ڌر جا سمورا خدشا رد ڪري ڇڏيا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت جسٽس ريٽائرڊ شيخ عظمت سعيد کي براڊ شيٽ انڪوائري ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪرڻ بابت مخالف ڌر جا سمورا خدشا رد ڪري ڇڏيا.

 انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مخالف ڌر اُهو جج نٿي چاهي جيڪو هنن جي ڦرلٽ ۽ اسڪينڊلز جي باري ۾ گهڻو ڪجهه ڄاڻي ٿو، مخالف ڌر کان ڪميٽي سربراهه جي منظوري وٺڻ ائين آهي ڄڻ چور کان سندس مرضي جو جج پڇڻ.

هن چيو ته مخالف ڌر رڙيون پئي ڪري ڇو ته انهن جي ليڊرن جي مني لاڊرنگ ۽ قومي وسيلن جي چوري جون حقيقتون سامهون پيون اچن، مخالف ڌر روئندي رهي پر جاچ پنهنجي منطقي انجام تائين پهچندي جڏهن ته اڳوڻين حڪومتن جي دورن ۾ ملڪ کي ٿيل ڳري نقصان جون حقيقتون سامهون آڻڻ ضروري آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي براڊ شيٽ اسڪينڊل جي جاچ لاءِ قائم ڪميشن جي سربراهه جي حيثيت سان جسٽس (ر) عظمت سعيد جي مقرري رد ڪري ڇڏي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.