”بلاول وٽ تحريڪ عدم اعتماد جا نمبر پورا آهن ته پيش ڪري“

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي مرڪز جنرل سيڪريٽري احسن اقبال چيو آهي ته بلاول وٽ تحريڪ عدم اعتماد جا نمبر پورا آهن ته پيش ڪري.

احسن اقبال ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عطا الله تارڙ پارٽي سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حڪومت براڊ شيٽ جي حوالي سان ڪوراپ ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪري، ان معاملي احتساب جي اصليت وڃائي ڇڏي آهي، دنيا پريشان آهي ته هي ڪنهن جي رياست آهي جنهن ۾ اهڙا معاهدا ڪيا ويندا آهن جو بنا ڪنهن محنت جي ڪنهن ڌر کي 20 سيڪڙو حصو ڏنو وڃي.

احسن اقبال چيو ته هن حڪومت ان معاملي تي عملدرآمد جي لاءِ ڦرتي ڏيکاري ۽ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کان اڳ ئي رقم هائي ڪميشن جي اڪائونٽ ۾ رکي ڇڏي، پي آءِ اي جو معاملو به ثالثي عدالت ۾ آهي پر هڪ جهاز جي ليز جي رقم جمع ناهي ڪرائي ويندي ۽ ڪيترن ئي مسافرن کي پرڏيهي ايئرپورٽ تي خوار ڪيو ويندو آهي پر ٻئي پاسي براڊ شيٽ جي معاملي تي ڀرپور ڦرتي ڏيکاري ويندي آهي، جهاز واري معاملي ۾ ڦرتي ڏيکارڻ گهرجي ها.

هڪ سوال جواب ۾ احسن اقبال چيو ته پيپلز پارٽي جي تحريڪ عدم اعتماد آڻڻ جي تجويز پراڻي آهي، ن ليگ سجهي ٿي ته جيڪڏهن بلاول وٽ تحريڪ عدم اعتماد جا نمبر آهن ۽ ايترا ميمبر موجود آهن ته پيش ڪري، سينيٽ ۾ به اسان جا نمبر پورا ٿيڻ جي باوجود تحريڪ عدم اعتماد ناڪام ٿي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.