گذريل 12 ڏينهن کان پاڪستان اسٽيل ملز جي سي اي او هائوس آڏو جبري برطرف ڪيل پاڪستان ملازمن پاران پنهنجي ڪٽنبن سميت ڌرڻو جاري رکيو ويو ، ڌرڻي ۾ شامل عورتن ۽ ٻارن سميت وڏي انگ ۾ پورهيتن سان ٻڌي جي اظهار طور عوامي آواز ميڊيا گروپ جي ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر حميده گهانگهرو ۽ بيورو رپورٽر جميل چانڊيو ڌرڻي ۾ شامل ٿيا، جتي پورهيتن جي حوصلا افزائي ڪئي وئي ،ان موقعي تي عورتن، ٻارن ۽ نياڻين کي خطاب ڪندي حميده گهانگهرو چيو ته موجوده وفاقي حڪومت جنهن طرح پورهيت طبقي جو معاشي قتل ڪري انهن کي روزگار کان الڳ ڪيو آهي ۽ اسٽيل ٽائون ۾ رهندڙ ملازمن کي وڏي انگ ۾ نيڪالي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي هوءَ ان عمل جي نه صرف مذمت ٿي ڪري پر عوامي آواز ميڊيا گروپ هر مظلوم طبقي جي جدوجهد ۾ عملي طور تي انهن سان گڏ آهي
ان موقعي تي اڪبر ناريجو، اسد ابڙو، نويد ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.