بدين ۾ سئي گئس ڪمپني عملدارن خلاف درخواست داخل

بدين (ڊ ر)ڪيس جي پيروي ڪندڙ  وڪيل فياض آرائين تفصيل ڏيندي ٻڌايو ته  مسلسل سوئي گيس جي ڪمي سبب پريشان ماتلي واسي نوجوان سماجي اڳواڻ عبدالرزاق چانڊيو بدين جي ڪنزومر پروٽيڪشن عدالت بدين  ۾ ڪمپلينٽ داخل ڪرائي آھي جنهن ۾  موقف اختيار ڪيو آھي ته هو هر مهيني سوئي گيئس جو بل ادا ڪري ٿوپوء به هن جي گهر ۾ گئس نٿي اچي جنهن سبب هن کي رڌ پچاء لاء ڪاٺيون خريد ڪرڻيون پون ٿيون جڏهن ته سئي سدرن گئس ڪمپني عملدار هن جي  شڪايت ۽دانهن تي ڪوبه ڌيان نٿا ڏين جنهن سبب درخواستگذار ۽ هن جا گهر ڀاتي شديد تڪليف کي منهن ڏئي رهيا آھن تنهنڪري عدالت   حڪم ڏئي ته اهي گئس جو مسئلو حل ڪن ۽   پوئن ڇهن مهينن کان جيسئين تائين گئس جو  مسئلو حل نٿو ٿئي تيسين تائين پنج سئو روپيا  روزانا جا ڪاٺين جا گئس ڪمپني عملدار ڀري ڏين  ۔ وڪيل ۽ ڪيس جو خرچ پنجاه ھزار روپيا ۔    ٻه لک روپيا عزت نفس مجروح ڪرڻ ۽ ٻه لک روپيا ذهني اذيت جا ڀري ڏين ۽ هڪ لک روپيا هنن تي اسپيشل ڏنڏ وڌو وڃي ڇو ته انهن شڪايتن تي ڪا موٽ نه ڏني ۔ ڪورٽ سڳوري جي جج  عامر راجپوت وڪيل جا دليل ٻڌڻ کان پوء سئي سدرن گئس ڪمپني جي عملدارن مينيجنگ ڊاريڪٽر ڪراچي ۔ جنرل مينيجر حيدرآباد ۔ ريجنل مينيجر حيدرآباد ۔ زونل مينيجر بدين ۔  سب ڊويزنل منيجر ماتلي کي  27 جنوري تي عدالت  ۾ پيش ٿيڻ ۽ جواب داخل ڪرڻ  ۽ غير حاضري جي صورت ۾ ھڪ طرفو فيصلو ڪرڻ جا نوٽس جاري ڪري ڇڏيا آهن ۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.