مانجهند لڳ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ، رهواسي کڏن جو پاڻي پيئڻ تي مجبور، ڌرڻو

مانجهند ( رپورٽ: بابو عمراڻي ) مانجهند ڀرسان ڳوٺ رستم خان خاصخيلي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿي ويو، جنهن سبب رهواسي 5 ڪلوميٽر پنڌ ڪري کڏن ڍورن مان گندو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آھن،  اهڙي عمل خلاف ڳوٺاڻن مير حسن خاصخيلي، ملوڪ خاصخيلي، ولي جان تاجو خاصخيلي، ميان ڏتو طالب کوسو، رسول بخش کوسو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته سندن ڳوٺ ۾ اربين روپيا ڪمائيندڙ لاکڙا ڪول فيلڊ جي ڀرسان آھي جڏهن ته يوسي شاهه اويس قرني وٽ بجيٽ ھئڻ باوجود پاڻي جي ڍڪ لاءِ پريشان آھيون ڳوٺاڻا 5 ڪلوميٽر مفاصلو ڪري برساتي کڏن ۾ گڏ ٿيل گندو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آھن، جنهن سبب مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آھيون پر کين پبلڪ هيلٿ طرفان به اسڪيم نه ملي سگهي آھي هنن وزير اعليٰ سنڌ، ڊي سي ڄامشورو ۽  وس وارن کان مطالڀو ڪيو ت ڪوئلي ڪمپنين پبلڪ هيلٿ کاتي کي پابند ڪري کين پاڻي جي سهولت ڏياري وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.