جمال شاهه لڳ نابين جو بااثر سئوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو

جمال شاھ ( ن ع آ )جمال شاھ ڀرسان ڳوٺ ملڪ زرداري جي رهواسي شاھنواز زرداري پاران سندس زمين تي بااثر پاران قبضي خلاف عورتن ۽ ٻارڙن سان گڏ پريس ڪلب جمال شاھ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي شاھنواز زرداري دانهيندي چيو ته منهنجي سئوٽ غلام محمد زرداري سان زمين جي معاملي تان فيصلو ٿيل آهي، ان جا ھن مون کي 3 لک رپيا ڏيڻا ڪيا ھئا، جيڪي ڪالھه مان وٺڻ ويس ته مون نابين کي ڌڪا ڏئي گلي مان وٺي گهليو ۽ منهنجي تذليل ڪئي، پوءِ مون فيصلو ڪندڙ اڳواڻن سيد فصيح احمد شاھ ۽ محمد علي شاھ کي دانھن ڏني، مگر انهن اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي، ھن ايس ايس پي شھيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو ته منهنجي زمين جا پئسا ڏياري يا زمين آزاد ڪرائي ڏني وڃي ۽ مون تي تشدد ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري مون کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ مان پاڻ سان گڏ گهر وارن سميت روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.