ڪراچي ۾ ٽي شاديون ڪندڙ شخص کي پهرين زال قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي قائد اعظم ڪالوني ۾ اڳوڻي زال مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته گهرو جهيڙي دوران اڳوڻي زال فائرنگ ڪئي جنهن سبب ولي محمد ٿڏي تي فوت ٿي ويو.

ولي محمد پهرين زال کي 2013ع ۾ طلاق ڏني هئي. پوليس جوابدارا کي گرفتار ڪري قتل جو اوزار به هٿ ڪري ورتو آهي.

پوليس جو چوڻ هو ته مقتول ٽي شاديون ڪري رکيون هيون، پهرين زال شاهين کي 2013ع ۾ طلاق ڏئي ڇڏي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.