سون جي اگهه ۾ مسلسل واڌ کان پوءِ اوچتو وڏي گهٽتائي اچي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي قدر ۾ مسلسل واڌ کان پوءِ اوچتو وڏي گهٽتائي اچي وئي.

سنڌ جي سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب سون جي في تولي قيمت ۾ 600 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي.

سون جي في تولو قيمت 1 لک 12 هزار 800 رپيا ٿي وئي آهي. ان کان سواءِ 10 گرام سون جي قدر ۾ 514 رپيا گهٽتائي ٿي آهي ۽ 10 گرام سون 96 هزار 708 رپين جو ٿي ويو آهي.

عالمي سونارا مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 25 ڊالر گهٽتائي پوءِ  1845 ڊالر ٿي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.