سيد مراد علي شاهه جي نااهلي بابت نظرثاني جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي نااهلي بابت نظرثاني جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي.

سپريم ڪورٽ نظرثاني جي درخواست سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

عدالت عظميٰ جي جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 28 جنوري تي سنڌ جي وڏي وزير جي نااهلي بابت نظرثاني جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي.

روشن نالي شهري طرفان اقامي ۽ ٻٽي شهريت تي مراد علي شاهه جي نااهلي جي اپيل ڪئي وئي آهي.

ان کان اڳ عدالت عظميٰ مراد علي شاهه جي نااهلي جي مرڪزي درخواست خارج ڪري ڇڏي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.