ڀرياسٽي لاکاروڊ ٿاڻي جي حد ڳوٺ لنڊو مري ۾ پراڻي دشمني تان نبن مڱريو جي اوطاق تي ويٺل مري ۽ خاصخيلي برادري بي ٻن ڌرين ۾ جيهڙو ٿي پيو ، فائرنگ ۽ گوليون لڳڻ سبب 2 ڄڻا قتل ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۽ فوتين کي پوليس فوري طور تي اسپتال پهچايو جڏهن ته زخمين ۾ اويس منگريو ۔فتح محمد مگريو۔ عمران مگريو۔ شامل آهن جڏهن ته قتل ٿيلن ۾ ذوالفقار پٽ شريف خاصخيلي ۽ ضمير مري شامل آهن م جڏهن ته زريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ڌرين جو پاڻ ۾ فيصلو هلندڙ هيو ته جيهڙو ٿي پيو۔پوليس واقعي واري جاءِ تي پڪٽ قائم ڪري ورتي