پکو لڳ ڳوٺ محراب سنديلو ۾بنيادي مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي مظاهرو ،ڌرڻو

پکو لڳ ڳوٺ محراب سنديلو ۾ سماجي تنظيم سوجھرو ويلفيئر پاران ڳوٺ جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ نيشنل هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائر ساڙي چونڊيل نمائندن خلاف سخت نعريبازي  ڪئي وئي، احتجاجي ڌرڻي سبب هڪ ڪلاڪ تائينِ ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي،  ان موقعي تي سوجھرو تنظيم  جي اڳواڻن ۽ ڳوٺاڻن منصور علي گاڏهي، مقبول احمد، رڪ سنڌي، انور علي بروهي، ۽ ٻِين چيو ته انهن جي ڳوٺ محراب سنديلو سميت  35 ڳوٺن جي بجلي گذريل 4 ورهين  کان بند پيل آهي ۽ ڳوٺ ۾ مريضن لاءِ جوڙيل ڊسپينسري پڻ مڪمل طور تي غير فعال آهي  جنهن ۾گذريل 7 ورهين کان ڪو به عملو مقرر ناهي ڪيو ويو جنهن ڪري علائقي جي سوين مريضن کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن ، هنن وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه، صحت جي صوبائي وزير عزرا پيچوهو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي انهن جا بنيادي مسئلا حل ڪري ڳوٺاڻن جي بيچيني ختم ڪئي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.