ايس يو پي ڪراچي پاران سچل ڳوٺ ۾ قومپرست اڳواڻ ۽ ليکڪ علي حسن چانڊيو جي سالگره جي موقعي تي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ مختلف سياسي،سماجي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي ۽ عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ اعجاز سامٽيو ، عوامي جمهوري پارٽي اڳواڻ حريف چانڊيو، عنايت کٽياڻ، نورالدين جمالي، منير نائچ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ جڏهن سنڌين جي روزگار ۽ سياست تي پابندي هئي ان وقت علي حسن چانڊيي ڪراچي کي قومي سياست جو مرڪز بڻايو ، علي حسن پورهيت ڪلاس جو ماڻهو هو جنهن پورهيت انقلاب لاء سڄي حياتي عملي جدوجهد ڪئي ، علي حسن چانڊيو سياست جو هڪ سنجيدا اڳواڻ هو
ان موقعي تي مخدوم شمس،اختر دايي،وهاب سومري،علي نواز گبول،ڀورل بليدي پڻ علي حسن جي سياسي زندگي تي روشني وڌي، آخر ۾ سالگرهه جو ڪيڪ به ڪاٽيو ويو.