لاڙڪاڻي ۾ ڦر ڪوشش دوران مزاحمت تي همراهه گوليون هڻي مرڻينگ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد نيو بس اسٽينڊ واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڦورن پنڌ ويندڙ  مڇي جي واپاري دلبر اوڏ کان روڪ رقم ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت تي هٿياربندن کيس گوليون هڻي کيس رتورت ڪري ڇڏيو اطلاع تي وارثن پهچي زخمي واپاري کي کڻائي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي جي ڀائرن ممتاز ۽ معشوق اوڏ پنهنجي ماسات نظير اوڏ سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو ته اسان جو ڀاءُ دلبر اوڏ مڇي جو واپاري آهي . جيڪو صبح جي وقت واپار جا 60 هزار روپيا کڻي دڪان ڏانهن وڃي رهيو هو ته رستي ۾ ٽن موٽرسائيڪل سوار هٿياربند ڦورن سندس اڳ جهلي کانئنس 60 هزار روپيه ڦر ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت تي هٿياربندن ڀاءُ کي گوليون هڻي رتورت ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا جنهن کي اسپتال داخل ڪرايو پر سندس جو علاج علاج ٿي نه سگهيو آهي. هنن سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته لاڙڪاڻي ۾ وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺي ڦورن کي گرفتار ڪري اهڙو ڪيس داخل ڪري ڀاءُ کي بهتر علاج ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.