ڀريا ۽ ڀرپاسي بدامني وڌي وئي، چور بي لغام

ڀرياسٽي (ن ع آ)ڀريا روڊ شھر جي مين اسٽيشن روڊ تي ٻن موبائيل شاپس ۽ هڪ بيٽري جي دڪاندنن جا نامعلوم چور ملڪ  اڪرم ۽ عبدالزاق ملڪ جا شٽر ٽوڙي سامان روڪ رقم ۽ موبائيل فون چوري ڪري فرارا ٿي ويا، ڀرياروڊ شهراندر ٻن ڏينهن جي اندر چورين جو 5 وارڌاتون سامهون اچي ويون، شهري سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا ۔ ـ جڏھن تـ گذريل ڏينھن ڀرياروڊ جي فتح پور پاڙي مان نامعلوم چور ٽن شھرين جو چوپايو مال ٻڪريون ۽ مينھن ڪاھي فرار ٿي ويا ھئا جڏھن تـ ڀرياروڊ پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي . متاثر دوڪاندارن ايس ايس پي نوشھرو فيروز کان گھر ڪئي آھي تـ ڀرياروڊ شھر ۾ وڌي ويل چورين تي ڪنٽرول ڪرڻ سان گڏ ايس ايڇ او ڀرياروڊ کي فورن ھٽايو وڃي ۽ شهر جو مين ٿاڻو ٻيهر شهر اندر پراڻي جي جڳهه تي تبديل ڪيو وڃي ته جئين ڏوهن تي ظابطو اچي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.