سکر پوليس طرفان مقابلا، 2 ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

سکر (رپورٽ:اظهر علي دايو) سکر پوليس جي ترجمان مير بلال لغاري پاران جاري ڪيل بيان ۾ ايس ايس پي سکر عرفان علي  سمون دعوا ڪئي آھي ته سکر بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ريلوي گرائونڊ واري علائقي ۾ پوليس جي گشت دوران ڏوھ جي ارادي سان بيٺل ھٿياربندن پوليس کي ڏسي سڌي فائرنگ شروع ڪري ڏني. واقعي جو اطلاع ملڻ تي شھر جي ٻين ٿاڻن جي پوليس کي طلب ڪيو ويو. ھڪ ڪلاڪ تائين پوليس ۽ ڏوھارين ۾ مقابلو جاري رھيو. مقابلي دوران پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ بدنام ڏوھاري رفيق عرف ڪالو مڱڻيجو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آھي. جڏھن ته سندس 2 ساٿي اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آھن. جڏھن ته ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ مقابلو ٿيو آھي. مقابلي دوران بدنام ڏوھاري الله بخش کوسو کي پڻ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آھي. ٻنھي ڏوھاري کي علاج لاء سول اسپتال سکر ۾ داخل ڪيو ويو آھي. گرفتار ڏوھاري رفيق عرف ڪالو خلاف سکر جي مختلف ٿاڻن تي 5 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آھن. جڏھن ته ڏوھاري الله بخش کوسو خلاف پڻ مختلف ٿاڻن تي 5 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آھن. گرفتار ڏوھاري سکر شھر ۾ چوري، ڦر، پوليس مقابلن جي ڪيسن ۾ گھربل ھو. گرفتار جوابدارن کي رمانڊ لاء اڄ سيشن ڪورٽ سکر ۾ پيش ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.