عادلپور ويجهو پوليس مقابلو، هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار

جان محمدسوسائٽي (ن ع آ) عادلپور پوليس جو گشت دوران عادلپور کڏ وراي روڊ تي ڊگري ڪاليج ويجھو ڏوھارين سان مقابلو ٿي  پيو، ڏوهارين پوليس کي ڏسندي ئي مٿان فائرنگ ڪري ڏني پوليس جي جوابي فائرنگ بعد هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو جنھن جي سڃاڻپ آصف ولد مريد احمد ميتلو طور ٿي زخمي حالت ۾ گرفتار ملزم جو تعلق پنجاب جي شهر سنجرپور سان ٻڌايو پيو وڃي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار  جوابدار وٽان هڪ بنا لائسنس جي پسٽل ۽ گولين جي ميگزين هٿ ڪري ورتي جڏھن ته سندس 2ساٿي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پوليس موجب ته جوابدار سنگين ڪيسن ۾ گھوٽڪي پوليس سميت ڪشمور ۽ رحيم يار خان پوليس کي گھربل ھو جوابدار مٿان عادلپور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو زخمي ٿيل ملزم کي علاج جي لاءِ گهوٽڪي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.