سکر ۾ شهرين جو پوليس جي جڙتو مقابلن خلاف احتجاجي مظاهرو

سکر(رپورٽ:اظهر علي دايو) سکر پوليس جي جڙتو مقابلن جي پت وائکي. ڏھ ڏينهن اڳ گرفتار نوجوان رات جي اونداهي ۾ مقابلو ڄاڻائي ڄنگھ کان معذور ڪري جيل اماڻي ڇڏيو نوجوان جي وارثن جو پوليس جي  خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج. ان سلسلي ۾ گذريل رات سائيٽ ايريا پوليس ڳوٺ نھال خان کوسو جي رھواسي نوجوان الاھي بخش پٽ شير محمد کوسو کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ڄنگھ کان معذور ڪري ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ پوليس پاران معذور بڻايل نوجوان جي وارثن رانجھڻ خان. مسمات شمشاد. حاجاڻي. شير محمد. زبيده. فرزانا.حسنا.سعيده ۽ ٻين سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي صحافين آڏو دانهيو آهي ته ڏھ ڏينهن اڳ تر جي وڏيرن غلام حسين کوسو. عبدالقيوم کوسو. لالو کوسو جيڪي علائقي جووا ۽ منشيات جو اڏو ھلائيندڙ آھن.  نوجوان جي امڙ مسمات شمشاد لڙڪ لاڙيندي صحافين کي ٻڌايو ته منھنجو ٻچڙو ذھني طور تي معذور آھي جنھن ننڍي ھوندي کان اڏي تي وڏيرا ڪم ڪار ڪرائيندا ھئا جنھن کي ڏھ ڏينهن اڳ وڏيرن پاڻ نوجوان کي يرغمال بڻائي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد اڌ مئو ڪري سائيٽ ايريا پوليس حوالي ڪيو ھنن ٻڌايو ته گذريل رات دير سان پوليس جڙتو مقابلو ڄاڻائي نوجوان کي بيگناهه ھاف فرائي ڪري ڄنگھ کان معذور ڪري ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ھنن ٻڌايو ته نوجوان جي مامي رانجھڻ پٽ گلبھار کوسو تيرنھن جنوري تي سپريم ڪورٽ. ھائي ڪورٽ سنڌ. آئي جي سنڌ سميت واسطيدار اختيارين کي لکت ۾ درخواستون پڻ ڪيو پر ان جو ڪو به کڙ تيل نه نڪتو الٽو نوجوان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ روپوش ڄاڻائي ڄنگھه ۾ گوليون ھڻي معذور ڪري ڇڏيو آهي. ھنن اعلي اختيارين کان اپيل ڪئي آهي ته پوليس پاران ڪيل ناحق وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.