ڀٽ شاهه ۾دڪانن جي بندش خلاف واپاري سراپا احتجاج، ڌرڻو

ڀٽ شاھه (رپورٽ : ارشاد ٻگھيو ) درگاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي بند هئڻ خلاف ڀٽ شاه ۾ دوڪاندار ۽ شهري سراپا احتجاج بڻيل آهن درگاهه چاڙهي سميت دنبورا چوڪ ، منياري بازار جي دوڪاندارن  توڙي شهرين پاران ڀٽ ڌڻي درگاهه جي مک گيٽ سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو آهي ۽ فوري طور تي حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار عام زائرين لاءِ ايس او پيز تحت کولڻ جو مطالبو ڪيوويو آهي مظاهري ۾ شامل دوڪاندارن ۽ شهرين اختيار علي وساڻ ، غلام مصطفا چانڊيو ، اسد علي ملاح ، ذوالفقار ملاح ، جاويد راجپوت ، افضل انصاري ، سهڻو بليدي ، بصر ٻگهيو ، صدام جاگيراڻي ۽ ٻين جو چوڻ هو تـ ڏيڍ مهينو گذري چڪو آهي درگاه ڀٽائي بند آهي شهرين توڙي دوڪاندار تمام گهڻو پريشان آهن.  روزگار بـ بند آهي جڏهن تـ شادي هال ، بازار ۽ تعليمي ادارا بـ کلي ويا آهن باقي درگاهون بند ڪرڻ جو ڪهڙو جواز آهي هنن چيو تـ شاه لطيف جا پانڌيئڙا روز سون جي تعداد ۾ اچي گيٽ سامهون سخت سردي ۾ ويهي دعائون گهرن ٿا ۽ عقيدتمند سخت پريشان آهن دعائن جا در کوليا وڃن ۽ دوڪاندارن توڙي شهرين کي فاقا ڪشي کان بچائي روزگار ڪرڻ ڏنو وڃي دوڪاندارن ۽ شهرين پاران احتجاج دوران سخت نعريبازي ڪندي فوري طور تي درگاهون کولڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.