ڪوٽڏيجي ۾ ڪتن جو آزار، 2 ٻارڙن کي ڏاڙهي وڌو

ڪوٽڏيجي ( ن ع آ  ) هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت ٽائون انتظاميا ۽ يونين ڪائونسل انتظاميا پاران ڪجهه علائقن ۾ ڪتا مار مهم  جاري ڪري فوٽو سيشن بعد علائقن مان غائب ٿي ويا پر رولو ڪتن جو آزار ختم نه ٿي سگهيو گذريل ڏينهن رولو ڇتن ڪتن ڪوٽڏيجي ٽائون ڪاميٽي جي ڳوٺ رند حاجاڻا مان 8 سالن جي نويد علي پٽ محمد سفر سونيو ۽ ڪوٽڏيجي جي يونين ڪائونسل جسڪاڻي جي ڳوٺ جسڪاڻي ۾ 14 سالن جي نينگري انيلا ڌي علي نواز جسڪاڻي کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو ڇتي ڪتي جي ڏاڙهيل معصوم ٻارڙن کي وارثن تعلقه اسپتال ڪوٽڏيجي مان ڇتي ڪتي جي ڏاڙهڻ جي ويڪسين ڪرائڻ بعد گهر روانا ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.