ڪي اين شاهه ۾ بدامني، واپاري جي گهر مان 12 لکن جي چوري

خيرپورناٿن شاهه ( رپورٽ : سيد اطهر بخاري  ) خيرپورناٿن شاه ۾ پوليس بدامني تي ڪنٽرول ڪري نه سگهي ناٿن شاهه محلي ۾ شادي تي ويل واپاري خالد شيخ جي گهر ۾ نامعلوم چورن گهر جي ڇت تي چڙھي گهر  ۾ داخل ٿي ڪمرن اندر پيل ايلماڙين جا تالا ٽوڙي ايلماڙين جي اندر پيل 2 لک روپيا ڪيش 10 لکن جي ماليت جا سونا زيور ليپ ٽاپ موبائيلون ۽ ٻيو قيمتي گهريلو سامان ٻهاري ويا گهرڌڻي شادي کان واپس اچڻ تي گهر ۾ ٿيل چوري جي خبر پوڻ تي مٽن مائٽن ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن بعد وڏي انگ ۾ شيخ برادري جا ماڻھو واپاري شھري ٿاڻي تي پهچي بدامني جون دانهون ڪيون جنهن بعد ايس ايڇ او ۽ ڊي ايس پي پوليس نفري ساڻ ڪري جاءِ وارڌات تي پهچي معائينو ڪري گهر ڌڻي کان چوري بابت تفصيل وٺي پيري واڍي گهرائي پيرو کڻايو ،ان موقعي تي متاثر واپاري خالد شيخ ٻڌايو ته مان ميڊيڪل اسٽور هلائيندو آھيان منهنجا ٻار مائٽن جي شادي تي ويل هيا مان گهر کي تالو هڻي ميڊيڪل اسٽور تي ويٺو هيس سج لهڻ بعد مان جيئن گهر جو تالو کولي اندر داخل ٿيس ته ڪمرن جا در کليل هيا ايلماڙين جا تالا ڀڳل هيا چور پاسي واري گهر مان ڇت ٽپي آيا گهر ۾ پيل تقريبن 10 لکن جا سونازيور 2 لک ڪيش ليپ ٽاپ موبائيلون ۽ ٻيو گهريلو سامان چوري ٿي ويو آهي، آءِ جي نوٽيس وٺي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.