خير محمد آريجا لڳ نينگر کي ڪتن ڏاڙهي وڌو

خير محمد آريجا (ت ر) خير محمد آريجا لڳ ڳوٺ ڪنڊ وارا شيخ جي رهواسي علي حسن شيخ جي پٽ 7 سالا معصوم نينگر عدنان  شيخ پنهجي گهر کان اسڪول وڃي رهيو هو ته معصوم نينگر کي رستي ۾ رولو ڇتي ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو جنهن کي وارث وئڪسين ڪرائڻ لاءِ تعلقه اسپتال باقراڻي ايٽ آريجا کڻائي جتي ڇتي ڪتي جي وئڪسين نه هجڻ ڪري اسپتال انتظاميا معصوم نينگر کي ليٽر ڏئي وئڪسين ڪرائڻ لاءِ لاڙڪاڻو موڪليو. هوڏانهن ان سلسلي ۾ خير محمد آريجا شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته افسوس آهي جو ڪافي ڀيرا انتظاميا کي ڪتامار مهم جون شڪايتون ڪيون آهن پر هن وقت تائين ٽائون آريجا ۾ ڪتامار مهم شروع نه ڪئي وئي آهي.  جنهن جي ڪري معصوم ٻارڙا خوف سبب گهرن کان ٻاهر نه ٿا نڪرن  ان موقعي تي سياسي سماجي اڳواڻن وزيراعليٰ سنڌ ڊي سي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته ٽائون آريجا ۾ ڪتامار مهم شروع ڪري معصوم ٻارڙن مان خوف ۽ بيچيني دور ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.