پنوعاقل جي ٻن معذور ڀائرن پاران پنهنجي والد سان گڏجي ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ويو آهي ته هو ڄائي ڄم کان اکين جي نور کان محروم آهن ، سندن ٻار به نابين آهن ، غربت سبب هو پنهنجو علاج ته ٺهيو پر ٻن ويلن جي ماني ڳڀي لاءِ به پريشان آهن ، معذور ڀائرن ۽ سندن والد جو چوڻ هو ته هو غربت هٿان مجبور ٿي ڪراچي آيا آهن ،
هنن وزيراعظم عمران خان ، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ، بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته انهن جي مالي مدد ڪري انهن جي پريشاني ختم ڪئي وڃي ، هنن چتاءُ ڏنو ته هو مطالبو پورو ٿيڻ تائين پنهنجو احتجاج جاري رکندا .