ملير: ملڪ جي خوشحالي جو واحد رستو  پيپلز  پارٽي آهي: يوسف مرتضيٰ بلوچ

چونڊن ۾ پي ايس 88 تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي  نامزد اميدوار يوسف مرتضيٰ بلوچ چيو آهي ته

پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي غريب عوام جي پارٽي آهي، مسڪينن، غريبن، هارين، نارين جي حقن ۽ ملڪ جي خوشحالي، جو واحد رستو  پيپلز پارٽي آهي ، پنهنجي تڪ يوسي ڀٽائي آباد ۾ هڪ وفد سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو  ته نيازي سرڪار کان جيترو بيزار غريب طبقو آهي ان جو تاريخ ۾ مثال نٿو ملي،  ، يوسف مرتضيٰ بلوچ وڌيڪ چيو ته پ پ جتي هر طبقي جي نمائندا جماعت آهي اُتي اقليتن جي حقن ۽ انهن جي مسئلن کي حل ڪيو آهي، هن چيو ته اقليت هميشه جمهوري قوتن جي پاسداري ڪئي آهي، پي ايس 88 ملير جو غيرتمند عوام پي ٽي آءِ جي ڪنهن به فريب ۽ مڪاري ۾ نه ايندو

رپورٽ- جميل چانڊيو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.