آرمي چيف جو آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽرز جو دورو، سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه آءِ ايس آءِ جي پيشيوراڻي تيارين ۽ سيڪيورٽي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪيو. هيڊ ڪوارٽرز پهچڻ تي آرمي چيف جو استقبال ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ڪيو.

ان موقعي تي آرمي چيف کي علائقائي ۽ قومي سيڪيورٽي جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف نيشنل سيڪيورٽي جي لاءِ آءِ ايس آءِ جي اڻ ٿڪ ڪوششن کي ساراهيو، آرمي چيف آءِ ايس آءِ جي پيشيوراڻين تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.