ڪورونا وائرس وڌيڪ 54 حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 363 نوان ڪيس

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 54 حياتيون کسي ورتيون، جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ نون ڪيسن جي تصديق ٿي آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سامهون ايندڙ 54 فوتگين کانپوءِ ملڪ ۾ وائرس سان هيل تائين فوت ٿيندڙن جو گڏيل انگ 11 هزار 157 ٿي ويو آهي.

انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 هزار 363 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، ائين ملڪ ۾ هيل تائين متاثر ٿيندڙن جو ڪُل انگ 5 لک 27 هزار 146 تي پهچي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.