فضل الرحمان جي اڳواڻي ۾ شروع ڪيل تحريڪ ضرور ڪامياب ٿيندي:مولانا اسد کهڙو

مزاحيا بيانن ۾ مقبوليت ماڻيندڙ ناليواري عالم مولانا اسد الله کهڙي چيو آھي ته پي ٽي آء حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آھي. عوام سليڪٽيڊ حڪومت مان بيزار ٿي ويو آھي. کهڙا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا اسد الله کهڙي وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو عوام پي ڊي ايم سان گڏ آھي. مولانا فضل الرحمان جي قيادت ۾ پي ڊي ايم جي جيڪا تحريڪ شروع ٿي آھي اها ڪامياب ٿيندي. جلد عوامي سيلاب ۾ عمران نيازي جي ڪرسي لڙهي ويندي. هن چيو ته مهانگائي چوٽ چڙھي وئي آھي

رپورٽ- تبسم اڄڻ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.