ڏهرڪي۾ تحريڪ انصاف تعلقي جي آفيس جو افتتاح ڪيو ويو  

ڏهرڪي۾ تحريڪ انصاف تعلقي جي آفيس جو افتتاح ڪيو ويو  جيڪو  پاڪستان تحريڪ انصاف ضلعي گهوٽڪي جي صدر افتخار خان لنڊ ۽ جھانگير يارشر ڪيو،  افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي تحريڪ انصاف گهوٽڪي جي ضلعي صدر افتخار خان لنڊ چيو ته کيس ڏاڍي خوشي ٿي آھي ته ضلعو گهوٽڪي پي ٽي آء جو ڳڙھ بڻجي رھيو آھي. ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جا اميدوار ڀرپور حصو وٺندا. ضلعي گهوٽڪي ۾ عنقريب علامه اقبال يونيورسٽي جي ڪيمپس جو آغاز ڪيو ويندو.تقريب ۾ سينيئر نائب صدر ارشاد احمد رند. الله وسايو گهوٽو۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

رپورٽ-رمضان پيرزادو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.