”چوري ٿيل سامان واپس ڪريو“ معزور جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

مبارڪپور ( ن ع آ)مبارڪپور ٿاڻي جي حد ۾ ڏيڍ مهينو اڳ پورھيت باگڙي برادري جو معزور وڪيل جي گهر مان چور سي ڊي  موٽر سائيڪل ،موبائيل فون، ٻه نون ڪپڙن جون ڳنڍيون جنهن ۾ سيل ڪرڻ جا نوان 60 ،60 جوڙا پيل هيا ۽ سولر پليٽون چور چوري ڪري ويا هيا اهڙي فرياد مبارڪپور ٿاڻي تي ڏني پر پوليس نه فرياد ورتي نه عمل ۾ آئي ، گذريل ڏيڍ مهيني کان وڏيرن ۽ پوليس جا چڪر ڪاٽي رهيو آهيان ڪو داد فرياد نٿو ٿئي ،انهي جي ڪري پنهنجي دوست مسلمان کي اوهان جو پاڪ ڪتاب کڻائي شهر جي هوٽلن ،۽ گهٽين ۾ کڻي وس وارن کان مدد ٿو گهران ته منهنجي چوري ٿيل سامان خدارا واپس ڪرائي ڏيو،  ايس ايڇ او مبارڪپور انيس احمد شيخ سان رابطو ڪرڻ مون کي چارج سمبحالي ڪجهه ڏينهن ٿيا آهن ان باوجود اسين ڪوشش ڪري ،اڄ به شڪ جي بنياد 4 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ۽ جاچ پڙتال کانپوءِ اهي ڪنهن ڏوهه ملوث نه هيا ۽ انهن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.