لاڙڪاڻي ۾ پورهيت شگر جي مرض وگهي فوت، ڊاڪٽر مٿان غفلت جو الزام

لاڙڪاڻو(ڊ ر) رتوديرو ڀرسان ڳوٺ وارث ڏنو ماڇي واسي شگر جي مرض ۾ مبتلا چئن ٻارن جو پورهيت پيءُ لاڙڪاڻي جي اسپتال تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، وارثن ڊاڪٽرن مٿان غفلت جو الزام لڳائيندي انصاف جي  گهر ڪئي آهي، فوتي پورهيت جو لاش گهر پهچڻ تي وارث لاش کي چبڙي زارون قطار روئيندا رهيا. ان سلسلي ۾ ڪالهه رتوديرو تعلقي جي ڳوٺ وارث ڏنو ماڇي واسي چئن ٻارن جي پيءُ 40 سالن جي پورهيت اميد علي سولنگي کي وارثن شگر جي مرض سبب چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي پورهيت اسپتال جي وارڊ ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو . جنهن تي وارث لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا جتي فوتي جي وارثن ڊاڪٽرن مٿان غفلت جو الزام مڙهيندي احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو.  ان موقعي تي فوتي جي پيرسن امڙ حوا خاتون سولنگي پنهنجي ڌيءَ زرينه خاتون، پٽن جميل حسين، بخشل علي، اختيار علي سولنگي ۽ ٻين سان گڏجي صحافين آڏو دانهيو ته ڪجهه عرصي کان وٺي پٽ اميد علي شگر جي مرض ۾ مبتلا آهي مختلف وقتن تي سندس جو علاج ڪيو پر ان جي باوجود سندس جي صحت ۾ ڪو به سڌارو نه اچي سگهيو ڪالهه شگر سبب سندس جي طبيعت اوچتي خراب ٿي جنهن کي کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو. هن الزام لڳايو ته اسپتال جي وارڊ ۾ داخل ڪرائڻ بعد ڊاڪٽر پٽ کي علاج ڏيڻ بجاءِ پرچيون لکي ڏئي ڪڏهن هيٺ ته ڪڏهن مٿي وارڊ جا چڪر لڳائيندا رهيا پر پٽ کي علاج نه مليو نيٺ ڊاڪٽرن جي غفلت سبب پٽ وارڊ ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو آهي. هن چيو ته پٽ پورهيت هو کيس چئن ٻارن جي اولاد آهي ڊاڪٽرن سندس جي حياتي کسي اسان سان ظلم ڪيو آهي. هنن سنڌ جي وڏي وزير، صحت کاتي جي صوبائي وزير، لاڙڪاڻي جي ڪمشنر، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي غفلت جو مظاهرو ڪندڙ ڊاڪٽرن مٿان پٽ کي مارڻ جو ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن اسپتال انتظاميه طرفان خاطري بعد وارثن احتجاج ختم ڪري لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا جتي فوتي پورهيت جي لاش سان گهر واري ۽ ٻار توڙي ٻيا وارث چنبڙي زارون قطار روئيندا پڻ رهيا.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.