چمبڙ ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس زيادتين خلاف مظاهرو

چمبڙ (ن ع آ) ٽنڊوالھيار پوليس جي زيادتين خلاف چمبڙ جي مختلف ڳوٺن مان قديرحسين رند، حاجي محمد رحيم رند، اسلم  رند، صغيرحسين رند، امير بخش رند، جي اڳوڻي ۾ چمبڙ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيندي الزام ھڻندي چيو ته  ڊي ايس پي ٽنڊوالھيار عرفان شاھ ۽ پوليس جا ڪجھ آفيسر  جسڪاڻي ۽ رند برادري ۾ الطاف جسڪاڻي قتل ڪيس کي جواز بڻائي بلاجواز ٻنھي برادرين ۾ تزاد پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي الطاف جسڪاڻي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن  جي ڪري پوليس سڄي رند برادري کي ٽارگيٽ ڪري رھي آھي.  پوليس اسان جي بي ڏوھي ماڻھن کي به کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي پوليس ٽنڊوالھيار جي رندآباد ڪالوني ۾ غير قانوني پوليس پڪٽ قائم ڪري اسان جي گھرن ۾ رات جو دير سان گھڙي چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪري رھي آھي ۽ اسان جي گھرن ۾ بيٺل مال توڙي موٽرسائيڪل ۽ قميتي سامان کڻي گم ڪري ڇڏيو آھي اسان جي رند برادري جي ڪيتري ئي ماڻھن کي بلاجواز کنڀي پڻ گم ڪري ڇڏيو آھي اسان ڊي آئي جي حيدرآباد آر پي او حيدرآباد ء سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته الطاف جسڪاڻي قتل ڪيس جي عدالتي جاچ ڪرائي صاف ۽ شفاف تحقيقات ڪرائي وڃي ۽ ڏوھ ۾ ملوث اصل جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.