سڪرنڊ ۾ تحقيقاتي اداري تي بستي اڏڻ خلاف مين گيٽ تي ڌرڻو

سڪرنڊ ( رپورٽ:  لطيف جمالي ) سڪرنڊ ۾ ڪڻڪ جي تحقيقاتي اداري جي زمين تي بينظير بستي اڏڻ خلاف آل پارٽيز الائنس سڪرنڊ پاران ايس يو پي اڳواڻ فلڪ شير اوڏ، شهمير جمالي،جي يو آءِ  اڳواڻ  ايڊووڪيٽ ڪريم بخش رند ، عبدالرشيد پرهياڙ ،مولانا رستم امان لغاري ، پي ٽي آئي اڳواڻ فاروق چانڊيو ، نثار پرهياڙ، ايس ٽي پي اڳواڻ ، ايوب کوسو ، هيومن رائٽس اڳواڻ محمود مصطفيٰ ، حاجي رفيق خانزاده ، مسلم ليگ ن اڳواڻ لياقت خانزاده, امجد خانزاده، فنڪشنل ليگ اڳواڻ حاجي خان ڀٽي، سنڌ جاڳرتا فورم اڳواڻ حسين بخش ڪيريو ، صيفل ، اين پي سي آئي ايڇ جي ياسين ڪيريو ،جسقم جي الياس جوڻيجو، سنڌ ڪلچر فورم جي اڳواڻ سارنگ ملاح ، سوشل ورڪر حاڪم جمالي ، رفيق چانڊيو ، شهباز ويلفيئر جي وارث نوناري ، مالڪ نوناري ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن پاران مختيارڪار آفيس سڪرنڊ جي مين گيٽ آڏو احتجاجي ڌرڻو، سخت نعريبازي ، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اسان کي بينظيربستي تي اعتراض نه آهي پر ڪنهن ٻي جڳهه تي ٺاهي وڃي ڪڻڪ جو تحقيقي ادارو بند ڪري اتي بستي ٺاهڻ ڪهڙي عقلمندي آهي.  هنن چيو ته پ پ حڪمرانن ۽ انهن جي ڇاڙتن هميشه سرڪاري زمينن تي قبضا ڪيا آهن ادارن کي تباهه ڪيو آهي. هنن چيو ته سنڌ حڪومت 2 فارم تي ٿيل رجسٽري ختم ڪري زمين ڪڻڪ جي تحقيقي اداري کي واپس ڪئي وڃي. ٻي طرف پي ٽي آئي اڳواڻ ۽ علائقي جي زميندار فاروق چانڊيو ڌرڻي ۾ پهچي اعلان ڪيو ته مون کي پ پ حڪمران يقين ڏيارين ته بينظير بستي ٺاهي غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي گهر ڏنا ويندا ته مان پنهنجي 100 ايڪڙ زمين ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.