پني عاقل ۾ 4 مينهون چوري، فائرنگ، هڪ ڄڻو زخمي

پنوعاقل (ت ر) پنوعاقل ۾ چورن جو آزار، ڪئنٽ ٿاڻي جي حد ۾ چار نامعلوم چور مجيد انڍهڙ جي گهر مان چار مينهون چورائي ويا،  گهر ڌڻي سجاڳ ٿيڻ تي مينهون نه هجڻ بعد چورن پٺيان واهر ڪري مينهون ڇڏائي ورتيون، ڏوهارين جي فائرنگ سبب سيپڪو ملازم عبدالمجيد انڍهڙ ڱي بندوڪ لڳڻ ڪري سخت زخمي. ، سکر اسپتال داخل، چيو وڃي ٿو ته گذريل رات ڳوٺ مجيد انڍهڙ جي رهواسي عبدالمجيد انڍهڙ جي گهر ۾ نامعلوم چور گهري چار مينهون چورائي وڃي رهيا هيا ته ڳوٺاڻن چورن جو پيشو ڪري چو طرف گهٽ بند ڪيا ته موسي ڳوٺ لڳ نامعلوم چور مينهون ڪاهي وڃي رهيا هئا ته سامهون ويٺل واهر کي ڏسندي ڏوهارين سڌي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن ۾ سيپڪو ملازم گهرڌڻي عبدالمجيد انڍهڙ بندوق لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيو ۽ چور مينهون ڇڏي فرار ٿي ويا هوڏانهن ڳوٺاڻن زخمي کي کڻائي تعلقه اسپتال آندو، جنهن بعد سکر سول اسپتال نيو ويو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.