سنڌ ۾جبري گمشدگين خلاف لاڙڪاڻي ۾احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي مختلف شهرن مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ وائيس آف سنڌ طرفان کنڀيلن جي وارثن سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي  بک هڙتال ڪئي وئي جنهن ۾ غلام مرتضيٰ جوڻيجو جي پيرسن امڙ شهزادي، ڌيئرن پارس، سورٺ، پٽ سارنگ، انصاف دايو جي ڀينرن اقصيٰ بتول دايو، افسانه دايو، ڪاشف علي ٽڳڙ جي پيءُ عبدالڪريم ٽڳڙ، وائيس آف سنڌ جي سرواڻ سڪندر چانڊيو، صغير رضا جاگيراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.  جن هٿن ۾ کنڀيلن جي تصويرن وارا بئنر کڻي نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي کنڀيلن جي وارثن ۽ وائيس آف سنڌ جي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته لاڙڪاڻي شهر جي نظر محلا واسي درزي انصاف دايو کي 29 مئي 2017ع کي سندس درزي جي دڪان تان، پرائمري اسڪول ٽيچر ڪاشف علي ٽڳڙ کي 3 آگسٽ 2018 تي سندس ايوب ڪالوني واري گهر مان ۽ 7 مئي 2017ع تي ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ مندرا مان پورهيت غلام مرتضيٰ جوڻيجو سميت سنڌ جي مختلف شهرن مان ايوب ڪانڌڙو، ڊاڪٽر فتح محمد کوسو، رياض خاصخيلي، نسيم بلوچ، امتياز خاصخيلي، جبار سرڪي، الهه وڌايو مهر، نور احمد ابڙو، پٺاڻ خان زهراڻي، عاقب چانڊيو، فيصل آرائين، محمد گبول، الله بخش جمالي، عمران چاچڙ، فرحان مڱڻيجو، فقير اعجاز ڳاهو، غلام شبير قمبراڻي ۽ موهن مينگهواڙ کي جبري طور کنڀي گم ڪيو ويو جيڪي سالن کان وٺي قيد ۾ آهن سندن جي آزاديءَ لاءِ وارث توڙي ساڃاهه وند سراپا احتجاج بڻيل آهن پر هن وقت حڪومت وقت سميت لاڳاپيل اختيارين طرفان نوٽيس به نه ورتو ويو آهي. هنن چيو ته کنڀي گم ڪيلن مٿان ڪي به ڪيس داخل ناهن جيڪي پنهنجو روزگار ۽ ملازمت ڪري گهر ڀاتين جو پيٽ گذر ڪندا آهن سندن جي کنڀجڻ کان بعد انهن جون مائرون، ڀينرون، اولاد توڙي مٽ مائٽ ۽ پاڙيوارا سخت اذيت ڀوڳي رهيا آهن پر ڪنهن کي به رحم نه پيو اچي. هنن چيو ته جيڪڏهن کنڀي گم ڪيلن جو ڪو ڏوهه آهي ته کين عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ ڏوهه ثابت ڪيو وڃي پر سالن کان وٺي کين قيد ڪري گهر ڀاتين کان جيئڻ جو به حق کسيو ويو آهي. اسين سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، انساني حقن جي تنظيمن، اقوام متحده ۽ ٻين وس وارن کان گهر ٿا ڪريون ته غلام مرتضيٰ جوڻيجو، انصاف دايو، ڪاشف علي ٽڳڙ سميت سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن واري معاملي جو نوٽيس وٺي سمورن کنڀيلن کي آزاد ڪرائي گهر ڀاتين کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.