ميرپورخاص ۾ زيادتي بعد قتل ڪيل نمره جي وارثن جو ڌرڻو

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) 9 سال اڳ وحشي صفت جوابدارن پاران 8 ورهين جي معصوم نينگري نمره عرف انا ابڙو کي اغوا  ڪري ٽن ڏينهن تائين لڄالٽ ڪرڻ بعد کيس قتل ڪري لاش جھنگ ۾ اڇلائڻ واري واري واقعي بعد سياسي اڳواڻن پاران متاثر خاندان کي نوڪري ڏيڻ واري اعلان تي عمل نه ٿيڻ خلاف معصوم نينگري جي امڙ سلمه ابڙو پنهنجي مڙس محمد حميد ابڙو ۽ معصوم ٻارن سان گڏ ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪري بک هڙتال شروع ڪري ڏني آهي. ان موقعي تي قتل ٿي ويل معصوم نينگري جي امڙ سلمه ابڙو صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته منهنجي معصوم نينگري سان پيش آيل واقعي بعد پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ، ن ليگ سميت مختلف سياسي سماجي شخصيتن اسان سان ڏک ونڊڻ لاءِ گھر اچي تعزيت ڪرڻ بعد اسان کي هڪ نوڪري فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو هو پر انهن مان ڪنهن به انهي واعدي کي پورو نه ڪيو آهي گذريل 9 سالن کان اسين حڪومتي ڌر سميت ٻين پارٽين جي چونڊيل نمائندن جي گھرن ۽ آفيسن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون پر ڪوبه اسان جي ٻڌڻ وارو ناهي اسان کي صرف ٺلا دلاسا ڏيئي روانو ڪيو وڃي ٿو هن چيو ته منهنجو مڙس هڏن جي بيمارين ۾ مبتلا هجڻ سبب مزدوري ڪرڻ کان لاچار آهي آءُ گھر اڳيان ٻارن جون شيون کپائي وڏي مشڪل سان گھر جو خرچ هلائي رهي آهيان ڪم ڪار نه هلڻ جي ڪري اسان جي گھر ۾ اڪثر فاقا رهن ٿا جنهن ڪري اسين سخت اذيت ۾ ورتل آهيون.  هنن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ميڊم فريال ٽالپر، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته کيس اعلانيل نوڪري فراهم ڪري سندس ڪٽنب کي معاشي پريشانين ۽ بک کان بچايو وڃي جيڪڏهن مون سان ڪيل واعده حڪومت پورا نه ڪيا ته معاشي بدحالي ۽ بک کان تنگ ٿي آءُ پنهنجي مڙس ۽ ٻچن سميت پريس ڪلب اڳيان پاڻ کي باه ڏيئي آپگھات ڪري ڇڏيندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.