احمدپور ۾ مونيڪا قتل ۾ گرفتار جوبدارن جي وارثن جو احتجاج

احمدپور ( ن ع آ ) احمدپور لڳ ڳوٺ خان محمد شر جي رھواسين جو عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي  مظاهرو ڪيو ويو مظاھري جي اڳواڻي ڪندڙ حاڪم خاتون شر رابيل خاتون شر بشيران خاتون شر منور خاتون شر حاڪم علي شر نظير احمد شر ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته اسان جي ٻن پورھيتن منصور شر ۽ سليم شر کي پوليس بيگناھ گرفتار ڪري ھڪ ھفتي کان گم ڪرڻ بعد معصوم نياڻي مونيڪا لاڙڪ جي ڪيس ۾ ٻنھين کي جوابدار ڄاڻائي ڇڏيو  آهي، جڏهن ته انهن جي ڊي اين اي ٽيسٽ به نيگيٽو آئي ھئي  ان کانپوءِ ٻيھر وري به انھن جا جزا وٺي ليبارٽري ڏانهن اماڻيا ويا آهن،  جيڪا وڏي ناجائزي آهي ان موقعي تي ھنن پير صاحب پاڳاري ڊي آءِ  جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي ته واقعي جي صاف شفاف جاچ ڪرائي مونيڪا لاڙڪ جي اصل قاتلن کي سريعام سزا ڏئي بيگناھ گرفتار ڪيل پورھيتن کي آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.